کٽ

کٽ

اٺ سلو

اَٺ سَلو / اٺ سلو: کٽ يا کٽولي کي اٺ سَلو چون ٿا، ڇوجو کٽ جي پاون ۾ جيستائين اٺ سَل نه ٺهندا، تيستائين کٽ نه ٺهندي. هرهڪ پائي (پاڳي) ۾ ٻه سل ٺهندا، جن مان هڪڙي سل ۾ ايس پوندي ۽ ٻئي سل ۾ اوپرو. ائين کٽ جو مانڊاڻ جڙندو. عام طرح ماڻهو ’کٽ‘ يا ’کٽولي‘ کي انهن نالن سان نه سڏيندا آهن، ڇوته کٽ تي لاش کڄندو آهي، ماڻهو تنهن ڪري کٽ يا کٽولو چوڻ سان بدسوڻي سمجهندا آهن. ٻاراڻي پرولي ته ’اٺ ڪاٺيون نائين نوڙي، جيڪو نه ڀڃي تنهن جي ناني ٺوڙهي‘. ان ڏانهن اشارو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو